Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:14 - Sindhi Bible

14 تنهن ڪري دوزخ پنهنجي خواهش وڌائي آهي، ۽ پنهنجو وات انداز کان ٻاهر پٽيو آهي: ۽ سندس شريف ۽ انهن جا رذيل، ۽ انهن جو تجمل، ۽ جيڪو بہ خوش ٿو رهي، سو انهيءَ ۾ پوي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:14
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي قبر ۾ ويندڙ ڌڻ وانگي ٺهرايل آهن، ۽ موت انهن جو ڌنار ٿيندو: سچار انهن تي صبح جو حڪومت ڪندو؛ ۽ انهن جي سونهن قبر جو قوت ٿي ويندي، تہ انهن جي لاءِ ڪا جاءِ نہ رهي.


ڀلي تہ انهن تي اوچتو موت اچي، ۽ ڀلي تہ اهي جيئري ئي وڃي قبر ۾ پون: ڇو جو بڇڙائي انهن جي گهرن ۾، بلڪ خود منجهن آهي.


هل تہ هلي انهن کي قبر وانگر سڄا سارا جيئرو ئي ڳهي وڃون، انهن ماڻهن وانگر جي هيٺ کڏ ۾ ڪرن ٿا؛


قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ماڻهوءَ جون اکيون بہ ڪڏهن ڍاول نہ رهنديون.


قبر؛ ۽ سنڍ زال جو پيٽ؛ زمين، جا پاڻي سان ڍاپي ئي نٿي؛ ۽ باهہ جا ڪڏهن بہ نٿي چوي تہ بس.


تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي.


هيٺان دوزخ تنهنجي لاءِ چُريو آهي، انهي لاءِ تہ جڏهن تون اچين تڏهن توکي اچي گڏجي: اهو تنهنجي لاءِ مئلن کي، يعني زمين جي سڀني سردارن کي اُٿاري ٿو؛ انهيءَ ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تختن تان اُٿاريو آهي.


منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي.


ڍولڪن جي خوشي بند ٿئي ٿي، خوشي ڪندڙ جو آواز پورو ٿئي ٿو، ۽ بربط جي خوشي بند ٿئي ٿي.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي.


اوهين سوڙهي در کان اندر گهڙو: ڇالاءِ جو اُهو در ويڪرو آهي، ۽ اُهو رستو ڪشادو آهي، جو برباديءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ منجهان اندر ٿا وڃن سي گهڻا آهن.


اُهي کائيندا ۽ پيئندا هئا، پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا؛ جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ گهڙيو، ۽ ٻوڏ آئي، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ