Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:11 - Sindhi Bible

11 افسوس انهن تي جي صبح جو سوير ٿا اُٿن تہ نشي بازيءَ جي پٺيان پون؛ جي رات جو دير تائين ٿا ترسن، جيسين ڪ انهن کي شراب جو جوش چڙهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي صبح جو سوير اُٿي نشي‌بازيءَ جي پٺيان ٿا لڳو، ۽ رات جو دير تائين ٿا جاڳو، جيستائين اوهان تي مئي جو نشو نہ ٿو چڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟


شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.


ڇالاءِ جو پڇاڙيءَ ۾ اُهو نانگ وانگر چڪ هڻي ٿو، ۽ کپر وانگر ڏنگي ٿو.


۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.


هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جو تاج پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو.


افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:


اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.


افسوس آهي انهي تي، جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيئڻ لاءِ شراب ٿو ڏئي ۽ منجهس پنهنجو زهر ٿو گڏي، ۽ هن کي نشئي ٿو ڪري تہ سندن اوگهڙ تي نظر ڪري!


هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:


نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گارگند ڏيندڙ، نڪي ظالم خدا جي بادشاهت جا وارث ٿيندا.


بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا.


پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ