Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:1 - Sindhi Bible

1 مون کي ڇڏ تہ پنهنجي پياري محبوب لاءِ، پنهنجي محبوب جو راڳ سندس ڊاک جي منهہ بابت ڳايان. منهنجي پياري محبوبہ کي هڪڙي تمام آباد ٽڪريءَ تي هڪڙو ڊاک جو منهہ هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ٻڌو، هاڻي آءٌ پنهنجي محبوب جو گيت ڳائيندس. هائو، آءٌ سندس انهيءَ محبت جو گيت ڳائيندس، جيڪا هن کي پنهنجي انگورن جي باغ سان آهي. هڪڙي زرخيز ٽڪريءَ تي منهنجي محبوب جو انگورن جو باغ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس.


منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.


پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.


تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.


منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.


هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.


آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن.


آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو آهي: هو پنهنجو ڌڻ سوسن ۾ پيو چاري.


گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي:


انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


اي آدمزاد، ڊاک جو وڻ، يعني ڊاک جي ٽاري جا ٻيلي جي هڪڙي وڻ ۾ آهي، ٻئي وڻ کان ڇا ۾ بهتر آهي؟


تنهنجي ماءُ تو وانگر انهي ڊاک جهڙي هئي جا پاڻي جي ڀرسان پوکي ويئي: هوءَ گهڻي پاڻيءَ ڪري ڦر واري ٿي ۽ ٽارين سان ڀرجي ويئي.


اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.


ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.


۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي هڪڙي چڱي ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ملڪ ۾ پاڻيءَ جون نهرون، ۽ چشما، ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ