Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:5 - Sindhi Bible

5 هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خدا مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽان ئي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، تان‌تہ آءٌ سندس قوم بني يعقوب کي وٽس موٽائي آڻيان. هائو، خداوند مون کي مان مرتبو بخشيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت عطا ڪئي اٿائين، تہ جيئن آءٌ سندس انهيءَ ٽڙيل پکڙيل قوم بني اسرائيل کي آڻي وٽس گڏ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:5
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند فرات نديءَ جي اُٿل کان وٺي مصر جي نهر تائين، انهي جو ڦر سٽي ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ اي بني اسرائيل اوهين هڪڙو هڪڙو ڪري گڏ ڪيا ويندا.


جيئن ڪ تون منهنجي نظر ۾ قيمتي ۽ معزز آهين، ۽ مون توکي پيار ڪيو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ تنهنجي بدلي ۾ ماڻهو ۽ تنهنجيءَ حياتيءَ جي عيوض امتون ڏيندس.


جنهن خداوند توکي بنايو، ۽ ماءُ جي پيٽ کان ئي توکي جوڙيو، ۽ جو تنهنجي مدد ڪندو؛ سو هيئن ٿو فرمائي تہ اي منهنجا بندا يعقوب، اي منهنجا چونڊيل يسورون، ڊڄ نہ.


اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.


خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.


ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.


خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس،


پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.


هائو، اهو ئي خداوند جو هيڪل تيار ڪندو؛ ۽ انهيءَ جو ئي شان ٿيندو، ۽ هو تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو؛ ڪاهن بہ سندس تخت تي ويهندو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح سلامتيءَ جي صلاح رهندي.


منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.


پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون رڳو اسرائيل جي گهراڻي جي گم ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آهيان.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن.


پيءُ فرزند کي پيار ٿو ڪري، ۽ سڀ ڪجهہ سندس هٿ ۾ ڏنو اٿس.


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،


پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ