Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:23 - Sindhi Bible

23 ۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:23
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


پوءِ جڏهن يوسف گهر ۾ آيو، تڏهن اها سوکڙي، جا هٿ ۾ هين، سا وٽس کڻي آيا، ۽ زمين تائين جهڪي سجدو ڪيائونس.


اي خداوند، زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجو شڪر ڪندا، ڇو جو انهن تنهنجي وات جو ڪلام ٻڌو آهي.


هاڻي جيڪي تنهنجي انتظار ۾ آهن، تن مان ڪوبہ شرمندو نہ ٿيندو: پر جيڪي بي سبب دغا ٿا ڪن سي ئي شرمندا ٿيندا.


خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو.


مصر مان سردار ايندا؛ ۽ حبش جا ماڻهو سگهو ئي پنهنجا هٿ خدا ڏانهن ڊگهيريندا.


اي خدا لشڪرن جا خدا جيڪي تو ۾ اُميد ٿا رکن، سي منهنجي ڪري شرمندا نہ ٿين: اي اسرائيل جا خدا، جيڪي تنهنجا طالب آهن سي منهنجي ڪري بدنام نہ ٿين.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.


تنهن ڪري خداوند، جنهن ابراهيم کي ڇوٽڪارو ڏنو، سو يعقوب جي گهراڻي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي يعقوب شرمندو نہ ٿيندو، نڪي سندس منهن ڦڪو ٿيندو.


تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.


جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


تنهن ڪري منهنجي اُمت منهنجو نالو ڄاڻيندي: ۽ انهي ڏينهن اهي ڄاڻندا تہ آءٌ اهو آهيان جو ڳالهائي ٿو؛ ڏس، اهو آءٌ آهيان.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.


۽ قومون تنهنجي راستبازي ڏسنديون، ۽ سڀ بادشاهہ تنهنجو جلال ڏسندا: تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جو خداوند جي واتان ڏنو ويندو.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري.


آءٌ اوهان تي نسون رکندس، ۽ اوهان تي ماس چاڙهيندس، ۽ اوهان کي کل سان ڍڪيندس، ۽ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ اسرائيل جي وچ ۾ آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون.


هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.


پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ