Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:22 - Sindhi Bible

22 خداوند خدا هيئن فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ قومن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اُمتن تي پنهنجو جهنڊو اُڀو ڪندس: اهي تنهنجن پٽن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي ايندا، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي آڻيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 قادرِمطلق خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ غير قومن کي اشارو ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ بلند ڪندس، تڏهن اهي تنهنجي پٽن کي هنج ۾ کنيو ايندا، ۽ تنهنجي ڌيئرن کي ڪلهن تي کڻي آڻي تو وٽ پهچائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعني جڏهن قومون، ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿين.


سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


۽ هڪڙي سمنڊ کان ٻئي سمنڊ تائين، ۽ نديءَ کان زمين جي ڇيڙي تائين، هن جي حڪومت هلندي.


اي خداوند جيڪي قومون تو پيدا ڪيون آهن سي سڀ اچي تنهنجي حضور ۾ سجدو ڪنديون؛ ۽ تنهنجي نالي جي تمجيد ڪنديون.


۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.


هائو، گهڻيئي قومون ۽ زبردست حڪومتون لشڪرن جي خداوند کي يروشلم ۾ ڳولڻ اينديون، ۽ خداوند کان مهر گهُرنديون.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


۽ اُهي اُڀرندي ۽ اُلهندي، ۽ اُتر ۽ ڏکڻ کان ايندا، ۽ اچي خدا جي بادشاهت ۾ ويهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ