Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:20 - Sindhi Bible

20 تنهنجا ٻار جي توکان کسيا ويا هئا سي تنهنجي ڪنن ۾ چوندا تہ هيءَ جاءِ تنگ آهي، مون کي رهڻ لاءِ جاءِ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هائو، تنهنجا ٻار جيڪي جلاوطنيءَ دوران پيدا ٿيا هئا، سي اڳتي هلي تو کي چوندا تہ ’هيءَ زمين تمام ٿوري آهي، اسان کي رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ کپي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نبين جي پٽن اليشع کي چيو تہ هاڻي ڏس جنهن جاءِ تي اسين تنهنجي اڳيان رهون ٿا، سا اسان جي لاءِ تمام سوڙهي آهي.


پر جڏهن هو پنهنجو اولاد، يعني منهنجن هٿن جي ڪاريگري پنهنجي وچ ۾ ڏسندو، تڏهن هو منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا؛ هائو، اهي يعقوب جي قدوس خدا جي تقديس ڪندا، ۽ اسرائيل جي خدا جي ڊپ ۾ رهندا.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا.


انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.


آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ