Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:2 - Sindhi Bible

2 هن منهنجي وات کي تکي ترار وانگي ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي هٿ جي پاڇي ۾ لڪايو آهي؛ هن مون کي چمڪندڙ تير وانگي ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجيءَ بٿيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس. هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت منهنجو جلال اُتان لنگهندو، تنهن وقت آءٌ توکي انهي ٽڪر جي ڦاٽ ۾ لڪائيندس، ۽ جيسين آءٌ لنگهي وڃان تيسين پنهنجي هٿ سان توکي ڍڪي ڇڏيندس؛


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.


خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.


مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.


ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛


۽ يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ اي بابا، آئون پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: ۽ ائين چئي دم ڏنائين.


۽ نجات جو ٽوپ ۽ روح جي ترار، يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو؛


ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.


۽ پرگمن واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن وٽ تکي ٻہ منهين ترار آهي، سو چوي ٿو تہ


تنهنڪري توبهہ ڪر؛ نہ تہ آئون جلد تو وٽ ايندس، ۽ پنهنجي وات جي ترار سان هنن سان وڙهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ