Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:17 - Sindhi Bible

17 تنهنجا ٻار تڪڙ ٿا ڪن؛ تنهنجا برباد ڪندڙ، ۽ جن توکي ويران ڪيو آهي، سي تو مان نڪري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڏسو، اوهان جي شهر کي اجاڙڻ ۽ برباد ڪرڻ وارا شهر مان نڪرندا ٿا وڃن، جڏهن تہ اوهان جي شهر کي نئين سر تعمير ڪرڻ وارا جلد اچي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ وري ڪڏهن بہ چُڀندڙ ڪانڊيرو يا سندن چوڌاري ايذاءُ ڏيندڙ ڪنڊو ڪونہ رهندو؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


ڇالاءِ جو تنهنجون ويران ۽ سڃيون جايون، ۽ تنهنجو برباد ٿيل ملڪ، هاڻي رهاڪن جي گهڻائيءَ ڪري تنگ ٿيندو، ۽ جي توکي ڳهي ٿي ويا سي پري ٿي ويندا.


آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.


تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.


ڇالاءِ جو اتي اسان جي قيد ڪرڻ وارن اسان کي راڳ ڳائڻ جو حڪم ڏنو، ۽ جن اسان کي تباهہ ڪيو هو تن جي مرضي هئي تہ اسين خوشيون ڪريون، ۽ چيائون تہ اسان کي صيون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو.


اي خداوند، حقيقت ڪري اسور جي بادشاهن سڀني قومن ۽ انهن جي ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، وڌائيندس: ۽ شهر وسندا ۽ ويران جايون اڏجي وينديون.


پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ