Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:16 - Sindhi Bible

16 ڏس، مون توکي پنهنجي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي؛ تنهنجي شهرِ پناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڏسو، اي يروشلم وارؤ! آءٌ ڪيئن ٿو اوهان کي وساري سگھان؟ مون تہ اوهان جي شهر کي ڄڻ پنهنجي ٻنهي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي. هائو، انهيءَ جو ڪوٽ هميشہ منهنجي اکين آڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.


اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.


آءٌ تنهنجا منارا لعلن جا، ۽ تنهنجا دروازا ياقوت جا، ۽ تنهنجون سڀ ديوارون عمدن پٿرن ۽ جواهرن جون جوڙيندس.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو.


۽ جيسين هو يروشلم کي قائم نہ ڪري، ۽ انهي کي زمين تي تعريف جي لائق نہ ڪري، تيسين هن کي آرام نہ ڏيو.


يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ