Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 49:13 - Sindhi Bible

13 اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 49:13
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ آسمان خوشي ڪن ۽ زمين سرهي ٿئي؛ ۽ ڀلي تہ قومون هڪ ٻئي کي چون تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري.


سڀ جبل ۽ ٽڪريون؛ سڀ ميويدار ۽ سرو جا وڻ:


چراگاهہ ڌڻن سان ڇانئجي ويا آهن؛ ۽ واديون اَن سان ڍڪجي ويون آهن؛ اهي خوشيءَ جو آواز ڪڍي ڳائين ٿيون.


آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ جيڪي انهن ۾ گهمي ڦري ٿو، سي سڀ هن جي تعريف ڪن.


تون منهنجي عظمت کي وڌاءِ، ۽ موٽي مون کي تسلي ڏي.


تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


پر صيون چيو تہ يهوواہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، خداوند مون کي وساري ڇڏيو آهي.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.


مون توکي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؛ پر گهڻيءَ ٻاجهہ سان آءٌ توکي گڏ ڪندس.


خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،


ڇالاءِ جو اوهين خوشيءَ سان ٻاهر نڪرندا، ۽ سلامتيءَ سان اوهان کي وٺي ويندا: جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان ڳائڻ لڳنديون، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ تاڙيون وڄائيندا.


تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس.


تڏهن آسمان ۽ زمين، ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سڀ بابل تي خوشيءَ مان راڳ ڳائيندا، ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ ڦرلٽ ڪرڻ وارا اُتر کان اُن وٽ ايندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن ساري زمين خوشيون ڪندي تڏهن آءٌ توکي ويران ڪندس.


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ