Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:9 - Sindhi Bible

9 پنهنجي نالي جي خاطر آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ دير ڪندس، ۽ پنهنجي تعريف جي خاطر آءٌ توکان مڙندس، تہ توکي تباهہ نہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيئن تہ ماڻهو منهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا، سو آءٌ پنهنجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪندس. انهيءَ جي ڪري ئي آءٌ اوهان کان مڙي ويندس، ۽ اوهان کي تباهہ نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تڏهن بہ هن کين پنهنجي نالي جي خاطر بچايو، تہ پنهنجي وڏي قدرت ظاهر ڪري.


اي خداوند پنهنجي نالي جي خاطر مون کي جيئرو ڪر: پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري منهنجي جان کي تڪليفن مان ڪڍي ٻاهر ڪر.


اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي.


پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.


اي اسان جي نجات جا خدا تون پنهنجي نالي جي جلال جي واسطي اسان جي مدد ڪر: تون پنهنجي نالي جي صدقي اسان کي ڇڏاءِ، ۽ اسان جي گناهہ جو ڪفارو ڏي.


ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


پنهنجي خاطر، خود پنهنجي خاطر آءٌ ائين ڪندس؛ ڇالاءِ منهنجو نالو ناپاڪ ٿئي؟ ۽ آءٌ پنهنجو جلال ٻئي ڪنهن کي نہ ڏيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان.


جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


۽ اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اوهان سان، نہ اوهانجين خراب راهن موافق، نڪي اوهانجن خراب ڪمن موافق، پر پنهنجي نالي جي خاطر هلت ڪندس.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


تڏهن مون کي پنهنجي پاڪ نالي جو ارمان ٿيو، جو اسرائيل جي گهراڻي قومن منجهہ جتي جتي هو ويا، انهي جي بي ادبي ڪئي.


ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟


۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ