Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:8 - Sindhi Bible

8 هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:8
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون قربانيءَ ۽ نذراني کان خوش نٿو ٿين ۽ تو منهنجا ڪن کوليا آهن؛ تو سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ڪانہ طلبي آهي.


ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.


بدڪار پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا: اُهي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن.


هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.


تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.


اي ڏوهي اهو ياد رکو، پنهنجي مڙسي ڏيکاريو، اوهين وري بہ اها ڳالهہ دل تي آڻيو.


تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.


ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي.


اهي هاڻي پيدا ڪيون ويون آهن، قديم وقت کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي تو انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو؛ تہ متان تون چوين تہ ڏس، انهن جي مون کي اڳيئي خبر هئي.


خداوند خدا منهنجو ڪن کوليو آهي تنهن ڪري آءٌ فسادي نہ ٿيس، نڪي پٺ تي موٽيس.


اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين گناهہ جا ٻار، ۽ ڪوڙ جو نسل نہ آهيو ڇا؟


تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.


پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.


يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


۽ ٻين معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون اهي ڪندا، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ