Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:5 - Sindhi Bible

5 تنهن ڪري مون قديم وقت کان توکي اهو ٻڌايو آهي؛ انهي جي پوري ٿيڻ کان مون توکي اڳي ڏيکاريو آهي: تہ متان تون چوين تہ منهنجي معبود اُهي ڪم ڪيا آهن، ۽ منهنجي اُڪريل مورت ۽ منهنجي پلٽيل مورت جي حڪم سان اهي ڪم ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ سبب مون گھڻو اڳي ئي اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون هيون. هائو، انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ کان اڳي ئي مون اوهان تي اهي ظاهر ڪري ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’اهي ڪم اسان جي ديوتائن ڪيا آهن، اهي ڪم اسان جي اُڪريل ۽ پلٽيل مورتين جي حڪم سان ٿيا آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.


جنهن وقت کان مون قديم اُمت کي مقرر ڪيو، تنهن وقت کان ڪير مون وانگي سڏيندو، ۽ اُنهي جو بيان ڪري مون لاءِ ترتيب وار بيهاريندو؟ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، ۽ جي هن کان پوءِ ٿينديون سي تہ ڀلا هو ظاهر ڪن.


اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


مون قديم وقت کان وٺي اڳوڻيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؛ هائو، اهي منهنجي وات مان نڪتيون ۽ مون اهي ظاهر ڪيون: مون اوچتو اهي ڪيون ۽ اهي پوريون ٿيون.


(جيئن ڪ اُنهي پنهنجن پاڪ نبين جي واتان فرمايو هو، جي جهان جي شروعات کان وٺي ٿيندا آيا آهن.)


خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ