Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:21 - Sindhi Bible

21 جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“ هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين. هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو.


تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.


هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو.


تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.


هن بيابان ۾ ٽڪرين کي چيريو، ۽ انهن کي ڄڻ تہ پاتال مان پاڻي پياريائين.


هن ٽڪرين مان نهرون ڪڍي نديءَ وانگي پاڻي وهايو.


ڏسو هن ٽڪر کي ڌڪ هنيو، ۽ پاڻي نڪري آيو، ۽ نهرون وهڻ لڳيون؛ هو ماني بہ ڏيئي سگهندو ڇا؟ هو پنهنجيءَ اُمت لاءِ گوشت موجود ڪري سگهندو ڇا؟


۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.


۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگهيري ٻہ ڀيرا ٽڪر تي پنهنجي لٺ هنئي: تہ بي انداز پاڻي نڪري آيو، ۽ جماعت ۽ سندن مال پيتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ