Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:20 - Sindhi Bible

20 اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اي بني اسرائيل وارؤ! هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو. اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو، هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ ”خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:20
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم جهڙي، يعني اسرائيل جهڙي، ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، ۽ پنهنجو نالو ڪڍيائين؛ ۽ هن اوهان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا، ۽ تنهنجي ملڪ جي لاءِ ۽ تنهنجي قوم جي لاءِ خوفناڪ ڪم ڪيا؛ ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ مصر منجهان اتي جي قومن، ۽ سندن معبودن کان ڇڏائي ڪڍي آندو؟


هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛


جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


۽ انهي ڏينهن اوهين چوندا تہ خداوند جا شڪر بجا آڻيو، هن جو نالو وٺي سڏيو، قومن جي وچ ۾ هن جا ڪم ظاهر ڪريو، ۽ اهو ذڪر ڪريو تہ هن جو نالو بزرگ آهي.


اُهي وڏو آواز ڪندا، هو رڙيون ڪندا؛ خداوند جي جلال لاءِ هو سمنڊ کان وڏي سڏ پڪاريندا.


اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.


اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو،


پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.


مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.


تو اهو ٻڌو آهي؛ هاڻي اهو سڀ ڏس، هاڻي اوهين انهي جو بيان نہ ڪندا ڇا؟ هاڻي آءٌ توکي نيون ۽ پوشيدہ شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي.


خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي عيوضو ڏئي ڇڏايو آهي، ۽ جيڪو کانئس ڏاڍو هو تنهن جي هٿان هن کي آزاد ڪرائي ورتو اٿس.


پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪر، پنهنجي لاءِ سونهپ جا ڪاٺ جوڙيو: شاهي رستي سان دل لڳاءِ، يعني اهو رستو جنهن تان تون وئين: اي اسرائيل جي ڪنواري موٽي اچ، تون پنهنجن هنن شهرن ڏي موٽي اچ.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن.


بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن.


اي منهنجي قوم، اوهين اُن منجهان نڪري وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو پاڻ کي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ کان بچائي.


تڏهن آسمان ۽ زمين، ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سڀ بابل تي خوشيءَ مان راڳ ڳائيندا، ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ ڦرلٽ ڪرڻ وارا اُتر کان اُن وٽ ايندا.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا.


اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اچان ٿو، ۽ تنهنجي وچ ۾ رهندس.


۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو:


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ