۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو، ۽ يعقوب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هوندا، سي وري انهيءَ تي ٽيڪ نہ ڏيندا جنهن انهن کي ماريو هو؛ پر سچ پچ خداوند، اسرائيل جي پاڪ خدا تي ٽيڪ ڏيندا.
آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي.
تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.
انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.
پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.