Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:18 - Sindhi Bible

18 شل تون منهنجا حڪم ٻڌين ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر تنهنجي سلامتي نديءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي راستبازي سمنڊ جي لهرن وانگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي تنهنجي شريعت کي پيار ٿا ڪن، تن جي لاءِ ججهي سلامتي آهي؛ ۽ اُهي ڪڏهن بہ ٿاٻو نٿا کائين.


اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين.


پر جلال وارو خداوند، وڏين ندين ۽ نهرن جي وچ ۾ پاڻ اتي موجود هوندو؛ جن ۾ نہ ڪا ڳنن واري ٻيڙي ويندي، نہ ڪو وڏو جهاز اُتان لنگهندو.


ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي.


اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي.


۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي.


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


صيون جي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس، ۽ يروشلم جي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيسين ڪ هن جي راستبازي روشنائيءَ وانگي ظاهر نہ ٿيندي، ۽ هن جي نجات ٻرندڙ ڏيئي وانگي نہ ڏسبي.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ سلامتيءَ کي نديءَ وانگي، ۽ قومن جي شوڪت کي اُٿلندڙ نهر وانگي وهائي هن وٽ آڻيندس، ۽ اوهين انهيءَ مان پيئندا؛ ۽ اوهين هنج ۾ کنيا ويندا، ۽ گوڏن تي راند ڪندا.


اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي.


پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.


شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها!


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ