Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:16 - Sindhi Bible

16 اوهين منهنجي ويجهو اچو، اوهين هي ٻڌو؛ شروعات کان وٺي مون ڳجهہ ڳوهہ ۾ نہ ڳالهايو؛ جنهن وقت کان وٺي اهو هو، تنهن وقت کان آءٌ اتي آهيان: هاڻي خداوند خدا مون کي ۽ پنهنجي روح کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو، ۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون، تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“ هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي قومون اوهين ويجهو اچي ٻڌو، اي امتون اوهين ڪن ڏيو: زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، جهان ۽ جيڪي شيون منجهس پيدا ٿين ٿيون، سي ٻڌن.


اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.


هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟


مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.


پر اوهين جي جادوگرن جا پٽ، ۽ زناڪار مرد، ۽ ڪسبياڻيءَ جو اولاد آهيو، سي ويجها اچو.


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.


ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ