Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:15 - Sindhi Bible

15 مون، هائو، مون ڳالهايو آهي؛ مون هن کي سڏيو آهي: مون هن کي آندو آهي، ۽ هو پنهنجو رستو سجايو ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان، جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ پري کان کيس گھرايو اٿم. آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:15
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچائي، حلم، ۽ راستبازي جي شوڪت سان سواري ڪري اقبال مند ٿيءُ: ۽ تنهنجو ساڄو هٿ توکي هيبتناڪ ڪم سيکاريندو.


ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.


جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر.


يهوياڪين بادشاهہ جي قيد جي پنجين ورهيہ ۾، انهي مهيني جي پنجين تاريخ،


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ