Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 48:1 - Sindhi Bible

1 اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1-2 اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 48:1
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.


۽ خدا چيس تہ تنهنجو نالو يعقوب آهي: اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ سڏبو، پر تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو: سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو.


اڄ ڏينهن تائين هو اڳوڻي دستور موجب هلندا اچن: نڪي هو خداوند کان ڊڄن ٿا، نڪي پنهنجن انهن قانونن ۽ انهيءَ شريعت ۽ حڪم تي هلن ٿا، جي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا، جنهن جو نالو هن اسرائيل رکيو؛


پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس.


پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو.


خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


اوهين جماعت ۾ خدا کي مبارڪ چئو، اوهين جي اسرائيل جي چشمي جا آهيو، سي خداوند کي مبارڪ چئو.


اتي ننڍو بنيمين انهن جو حاڪم آهي، ۽ يهوداہ جا سردار پنهنجيءَ ٽوليءَ سان، ۽ زبولون جا سردار ۽ نفتاليءَ جا سردار آهن.


جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.


تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟


اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.


هڪڙو چوندو تہ آءٌ خداوند جو آهيان؛ ٻيو پاڻ کي يعقوب جي نالي سان سڏيندو؛ تہ ٻيو وري پنهنجي هٿ سان لکندو تہ آءٌ خداوند جي لاءِ آهيان، ۽ پاڻ کي اسرائيل جي نالي جو لقب ڏيندو.


مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.


اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو:


اوهين جي سچائيءَ تي هلو ٿا، ۽ خداوند کي ڳوليو ٿا سي منهنجي ٻڌو: جنهن ٽڪريءَ مان اوهين ٽڪيا ويا، ۽ جنهن کڏ جي ٽُنگ مان اوهين کوٽيا ويا، انهن ڏانهن نهاريو.


پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين.


خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


جنهن ڪري زمين تي جيڪو پاڻ لاءِ برڪت گهرندو، سو سچي خدا جي نالي پاڻ لاءِ برڪت گهرندو؛ ۽ جيڪو زمين تي قسم کڻندو، سو سچي خدا جي نالي قسم کڻندو؛ ڇالاءِ جو اڳوڻيون تڪليفون وسري ويون آهن. ۽ اهي منهنجين اکين کان لڪل آهن.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.


۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن.


اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.


اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟


۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛


تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي!


خدا روح آهي: ۽ جيڪي سندس عبادت ٿا ڪن، تن کي روح ۽ سچائيءَ سان عبادت ڪرڻ گهرجي.


پر جيڪڏهن تون پاڻ کي يهودي ٿو ڪوٺائين، ۽ شريعت تي اعتقاد ٿو رکين، ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين،


پر ائين نہ آهي تہ ڄڻ خدا جو ڪلام اجايو ويو، ڇالاءِ جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آهن سي سڀ اسرائيلي نہ آهن:


مطلب تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار ناهن؛ پر جيڪي واعدي جا ٻار آهن، سي ئي نسل ٿا ليکجن.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي.


۽ جڏهن اوهان مون سان ڳالهايو پئي، تڏهن خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌيون؛ ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو آهي، سو مون ٻڌو آهي: هنن جو چوڻ درست آهي.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


اهو انهن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿيندو، جي ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ جن جي دل ڄڻ تہ گرم لوهہ سان ڏنڀيل آهي.


مون کي تنهنجي مصيبت ۽ تنهنجي مفلسيءَ جي خبر آهي، (پر تون تونگر آهين) ۽ جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، ۽ آهن ڪين، پر شيطان جي جماعت آهن، تن جي خبر اٿم تہ ڪيئن نہ تنهنجي گلا پيا ڪن.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ