Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 47:9 - Sindhi Bible

9 پر اهي ٻئي ڳالهيون يعني ٻارن جو نقصان ۽ ڏهاڳ، تو تي هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون: تنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز تعويذن هوندي بہ اهي پوري زور سان توتي اينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون، يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ، هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون. هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بي‌انداز منترن هوندي بہ تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 47:9
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.


انهن جا کير پياڪ ٻار بہ سندن روبرو اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ انهن جا گهر لٽيا ويندا، ۽ انهن جي زالن سان زور زبردستي ٿيندي.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.


جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.


تڏهن جادوگر، منڊ هڻندڙ، ڪسدي ۽ فالون وجهندڙ اچي حاضر ٿيا، ۽ مون هنن کي جواب ٻڌايو: پر هنن مون کي ان جو تعبير ڪري نہ ٻڌايو.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


اهو سڀ انهيءَ خوبصورت ڪڃريءَ جي گهڻين زناڪارين جو سبب آهي؛ جا اُستاد جادوگرڻ آهي، ۽ پنهنجين زناڪارين سان ملڪ، ۽ پنهنجي جادن سان خاندان وڪڻيو ڇڏي.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي.


۽ محلون ۽ ڪليون ٻئي مري ويا، ۽ اُها زال پنهنجن ٻن پٽن ۽ پنهنجي مڙس کان سواءِ رهجي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ