Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 47:3 - Sindhi Bible

3 تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا. هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي. آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 47:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.


تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.


تنهن ڪري خداوند صيون جي ڌيئن جا مٿا گنجا ۽ سندن بدن اُگهاڙا ڪندو.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي.


تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


۽ هو ڪسدين جي ملڪ ۾ قتل ٿي ڪرندا، ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهايل ٿيندا.


ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو.


ڏس آءٌ تنهنجا اُهي سڀ سينڌ گڏ ڪندس، جن سان تو مزا پئي ماڻيا آهن، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي؛ انهن کي هر طرف کان آءٌ تنهنجي برخلاف گڏ ڪندس، ۽ هنن جي اڳيان تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس، تہ ڀلي اُهي تنهنجي اوگهڙ ڏسن.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجو دامن اُٿلائي تنهنجي منهن تي وجهندس، ۽ قومن ۾ توکي اُگهاڙو ۽ بادشاهتن ۾ توکي بي شرم ڪندس.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.


۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ