Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 47:2 - Sindhi Bible

2 جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو جنڊ کڻي ويهي اَنُ پيهُہ. پاڻ تان پردو هٽاءِ ۽ پنهنجا عمدا ڪپڙا لاهي ڇڏ. پنهنجو اوڇڻ مٿي ڪري اُگھاڙين ٽنگن سان نديءَ مان لنگھي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 47:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نوڪر کان پڇيائين تہ هيءُ ماڻهو جو ميدان ۾ اسان کي گڏجڻ لاءِ پيو اچي، سو ڪير آهي؟ نوڪر چيو تہ اهو منهنجو مالڪ آهي: تڏهن هن برقعو کڻي پنهنجو منهن ڍڪيو.


تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين.


تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ٻئي جي لاءِ جنڊ پيهي، ۽ ڀلي تہ ٻيا ماڻهو هن تي جهڪن.


۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا.


۽ گهڻيئي در بند ٿي ويندا، جڏهن پيهڻ جو آواز ڍرو ٿيندو، ۽ ماڻهو پکيءَ جي ٻوليءَ تي اُٿندو، ۽ سڀ ڳائڻ واريون ڇوڪريون ضعيف ٿي وينديون؛


تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.


تنهن ڪري خداوند صيون جي ڌيئن جا مٿا گنجا ۽ سندن بدن اُگهاڙا ڪندو.


هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.


اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.


۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي.


تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس.


۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا.


متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس.


اي سفير جا رهندڙ، اُگهاڙا ۽ شرمندا ٿي لنگهي وڃو: ضانان جا رهاڪو ٻاهر نڪري نٿا سگهن؛ بيت ايضل جي ماتم جي ڪري سندس پناهہ اوهان کان کسي ويندي.


ٻہ زالون ويٺيون جنڊ پيهنديون؛ هڪڙي کڄي ويندي، ۽ ٻي رهجي ويندي.


ٻہ زالون گڏ ويٺيون پيهنديون، هڪڙي کڄي ويندي ۽ ٻي رهجي ويندي.


پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ