Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 47:12 - Sindhi Bible

12 هاڻي تون پنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز منترن سان اُٿي بيهہ، جن جي تو ننڍپڻ کان مشق پئي ڪئي آهي؛ شايد توکي فائدو رسي، شايد تون غالب پوين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هاڻ ڀلي تون پنهنجي انهن جادوگرين، ۽ بي‌انداز منترن تي ڀروسو ڪندي قائم رهہ، جن کي تون ننڍپڻ کان وٺي ورجائيندي پيئي رهي آهين. پوءِ ڏسون تہ انهن مان تو کي ڪهڙو ٿو فائدو رسي؟ ڏسون تہ تنهنجا دشمن تو کان ڪيئن ٿا ڊڄن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 47:12
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛


تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛


۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.


۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ پنهنجي پڳ ۽ ڇٽ لاهي ڇڏ: هي اڳتي اهڙو ساڳيو نہ رهندو: جيڪو هيٺ آهي تنهن کي مٿي ڪر، ۽ جيڪو مٿي آهي تنهن کي هيٺ ڪر.


۽ اها ڳالهہ جا بادشاهہ پڇي ٿو سا هڪڙي عجيب ڳالهہ آهي، ۽ اهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو بادشاهہ جي اڳيان اُها بيان ڪري سگهي، سواءِ معبودن جي، جي انسان سان گڏ نٿا رهن.


تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.


۽ هاڻي ڏاها ماڻهو، منڊ هڻندڙ آڻي مون وٽ حاضر ڪيا اٿن تہ هيءَ لکت پڙهن ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائين: پر هو انهي جو مطلب سمجهائي نہ سگهيا آهن.


۽ غيب دان شرمندا ٿيندا، ۽ فالون وجهندڙ لڄي ٿيندا؛ هائو، هو سڀ پنهنجا چپ ڍڪيندا، ڇالاءِ جو خدا وٽان جواب ڪونہ ايندو.


اهو سڀ انهيءَ خوبصورت ڪڃريءَ جي گهڻين زناڪارين جو سبب آهي؛ جا اُستاد جادوگرڻ آهي، ۽ پنهنجين زناڪارين سان ملڪ، ۽ پنهنجي جادن سان خاندان وڪڻيو ڇڏي.


۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي واڙ سان وڃي لڳي، ۽ بلعام جو پير واڙ سان ڇلي ڇڏيائين: تنهن تي هن وري بہ گڏهہ کي ماريو.


نڪي پنهنجيءَ جادوگريءَ، ۽ زناڪاريءَ، ۽ خون، ۽ چورين کان توبهہ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ