Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 46:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ اوهان جي ٻڍاپي ۽ اڇن وارن تائين ساڳيو ئي رهندس، هائو، قوم جي پڇاڙيءَ تائين آءٌ اوهان کي سنڀاليندو رهندس. مون اوهان کي خلقيو آهي، سو آءٌ اوهان جي مدد ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 46:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.


خداوند مبارڪ هجي، جو هر روز اسان جو بار ٿو کڻي، اهو ئي اسان جي نجات جو خدا آهي.


جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.


ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.


اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا.


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


اي يعقوب، اي اسرائيل جنهن کي مون سڏيو آهي، منهنجي ڳالهہ ٻڌ: آءٌ اُهو آهيان؛ آءٌ اول آهيان ۽ آءٌ آخر بہ آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.


ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.


۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو.


۽ تون انهن کي چادر وانگر ويڙهي ڇڏيندين، ۽ اُهي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا: پر تون اُهوئي ساڳيو آهين ۽ تنهنجا سال کُٽڻ جا ناهن.“


يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ