Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 46:2 - Sindhi Bible

2 اهي نئڙن ٿا، اهي سڀ گڏ هيٺ جهڪن ٿا؛ اهي بار کان بچائي نہ سگهيا، پر پاڻ قيد ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. اهي پاڻ کي بچائي بہ نہ سگھيا آهن، بلڪ کين قيد ڪري ٻين ملڪن ڏانهن نيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 46:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.


ڏکڻ جي جانورن بابت ڪلام تڪليف ۽ مصيبت جو ملڪ، جتان شينهن ۽ شينهڻ، نانگ ۽ اُڏامندڙ آتشي سپ ٿا اچن، تنهن منجهان هو پنهنجي دولت گڏهن جي پٺيءَ تي، ۽ پنهنجا خزانا اُٺن جي ٿوهن تي کڻي انهيءَ اُمت ڏانهن ٿا وڃن، جنهن مان انهن کي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن برباد ڪيو آهي، يعني جوزان، حاران، رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا، تن کي ڪو انهن جي معبودن ڇڏايو آهي ڇا؟


۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


پوءِ انهي جي بچيل ٽڪرن مان هو هڪڙو معبود يعني پنهنجي اُڪريل مورت ٺاهي ٿو: هو انهيءَ جي اڳيان جهڪي سجدو ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کان دعا ٿو گهري، ۽ چوي ٿو تہ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو خدا آهين.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا.


۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو.


۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي، تہ تنهنجو نالو وري پوکيل نہ سڏجي: تنهنجن معبودن جي گهر مان آءٌ اُڪريل مورت ۽ پلٽيل مورت وڍي ڇڏيندس؛ آءٌ تنهنجي قبر جوڙيندس؛ ڇالاءِ جو تون ڪميڻو آهين.


۽ هن چيو تہ جيڪي معبود مون جوڙيا هئا سي، ۽ ڪاهن اوهين کڻي هليا ويا آهيو، باقي مون وٽ ڇا بچيو آهي؟ تڏهن اوهين ڪيئن مون کي چئو ٿا تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي؟


۽ جڏهن اشدود جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان دجون منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. ۽ هنن دجون کي کڻي وري پنهنجي جاءِ تي ويهاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ