Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:9 - Sindhi Bible

9 افسوس آهي انهي تي جو زمين جي ٺڪرن مان هڪڙو ٺڪر آهي ۽ پنهنجي خالق سان تڪرار ٿو ڪري! مٽي ڪنڀر کي چوندي ڇا تہ تون ڇا ٿو جوڙين؟ يا تنهنجي هٿ جو ڪم چوي تہ هن کي هٿ نہ آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ياد ڪر تہ تو مون کي ڳوهيل مٽيءَ وانگر جوڙيو آهي؛ ۽ وري مونکي خاڪ ۾ آڻي وجهندين ڇا؟


ڇو تون هن جي برخلاف وڙهين ٿو؟ ڇالاءِ جو هو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ جو حساب نٿو ڏئي.


جيڪو اجايو اعتراض ٿو آڻي سو ڪو قادر مطلق سان تڪرار ڪندو ڇا؟ جيڪو خدا سان بحث ڪري ٿو، تنهن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.


ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟


هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


جيڪي بہ ٿي گذريو آهي، انهي جو نالو گهڻو وقت اڳي ڏنو ويو هو، ۽ معلوم آهي تہ اُهو آدم آهي: ۽ جيڪو هن کان وڌيڪ زور وارو آهي تنهن سان هو وڙهي ڪين سگهندو.


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


اوهين سنئين شين کي اونڌو ٿا ڪريو! ڇا ڪنڀر مٽيءَ جهڙو ليکيو ويندو؛ ڇا جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ هن مون کي نہ جوڙيو؛ ڇا ٺاهيل شيءِ پنهنجي ٺاهيندڙ بابت چوندي تہ هن کي سمجهہ ڪانهي؟


افسوس آهي انهي تي جو پيءُ کي چوي ٿو تہ تون ڇا ٿو ڄڻين؟ يا ڪنهن زال کي چوي تہ توکي ڇا جا سور ٿيا آهن؟


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان سان ائين نہ ٿو ڪري سگهان ڇا، جيئن هيءُ ڪنڀار ٿو ڪري؟ ڏس، اي اسرائيل جا گهراڻا، جيئن مٽي ڪنڀار جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين منهنجي هٿ ۾ آهيو.


۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟


اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ