Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:21 - Sindhi Bible

21 اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:21
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ آءٌ تنهنجا ٿورا ظاهر ڪريان، ۽ تنهنجن عجيب ڪمن جو بيان ڪريان.


تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


قومن ۾ ٻڌايو تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري: دنيا اهڙي قائم آهي جو اُنهيءَ کي لوڏو ڪونهي: سچائيءَ سان هو قومن جي عدالت ڪندو.


۽ اهو مصر جي زمين ۾ لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙو نشان، ۽ شاهديءَ جي لاءِ ٿيندو: ڇالاءِ جو ظالمن جي ظلم ڪري هو خداوند وٽ فرياد ڪندا، ۽ هو سندن لاءِ هڪڙو نجات ڏيندڙ ۽ بچائيندڙ موڪليندو.


ڪنهن شروع کان اهو ٻڌايو آهي تہ اسان کي انهي جي خبر پوي؟ ۽ ڪنهن وقت کان اڳي ظاهر ڪيو آهي تہ اسين چئون تہ اهو راستباز آهي؟ هائو ڪوبہ ڪونهي جو ٻڌائي، ڪوبہ ڪونهي جو ڏيکاري، هائو، ڪوبہ ڪونهي جو اوهان جون ڳالهيون ٻڌي.


آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


ڇالاءِ جو خداوند جنهن آسمان پيدا ڪيا، اهو ئي خدا آهي؛ هن زمين جوڙي ۽ تيار ڪئي؛ هن انهيءَ کي قائم ڪيو، هن انهيءَ کي ويران نہ پيدا ڪيو، بلڪ رهڻ جي لاءِ انهي کي جوڙيائين: هو فرمائي ٿو تہ آءٌ خداوند آهيان؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.


آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس:


اوهين سڀ گڏ ٿيو ۽ ٻڌو؛ انهن مان ڪنهن اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؟ جنهن کي خداوند پيار ڪيو آهي، سو ئي بابل تي هن جي مرضي پوري ڪندو، ۽ انهي جي ٻانهن ڪسدين تي غالب پوندي.


مون قديم وقت کان وٺي اڳوڻيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؛ هائو، اهي منهنجي وات مان نڪتيون ۽ مون اهي ظاهر ڪيون: مون اوچتو اهي ڪيون ۽ اهي پوريون ٿيون.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.


خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.


ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي.


پر اُهو ڏينهن اهڙو ٿيندو، جنهن جي خبر فقط خداوند کي آهي: اهو نہ ڏينهن هوندو نہ رات، پر ائين ٿيندو تہ شام جي وقت روشني ٿيندي.


۽ خداوند سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن هڪڙو ئي خداوند ٿيندو، ۽ سندس نالو واحد ٿيندو.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ