Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:2 - Sindhi Bible

2 آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند خورس کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ تنهنجي اڳيان هلندس، تہ جيئن جبلن ۽ ٽڪرين کي تنهنجي لاءِ هموار ڪريان. آءٌ پتل جا دروازا ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندس، ۽ انهن جا لوهہ جا گز ٽوڙي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو هن پتل جا دروازا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ لوهہ جون تارون ڪپي ڇڏيون اٿس.


اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.


اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.


شهر ۾ ويراني وڃي بچي آهي، ۽ دروازو ڀڄي ناس ٿي ويو آهي.


هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


مون، هائو، مون ڳالهايو آهي؛ مون هن کي سڏيو آهي: مون هن کي آندو آهي، ۽ هو پنهنجو رستو سجايو ڪندو.


وڃي حننياہ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو ڪاني جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن؛ پر انهن جي بدران تون لوهہ جا گز جوڙيندين.


بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا.


فرسين؛ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي، ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.


۽ مون گهٽي کي اُلهندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٽڪر هڻندو ڏٺو؛ ۽ ڪي بہ جانور هن جي اڳيان بيهي نہ ٿي سگهيا؛ ۽ نہ ڪو اهڙو هو جو سندس هٿان ڇڏائي سگهي؛ پر هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ۽ پاڻ کي وڏو ڪري ٿي ڏيکاريائين.


ڏس، جيڪي ماڻهو تنهنجي وچ ۾ آهن، سي زالن جهڙا ٿي پيا آهن؛ تنهنجي ملڪ جا دروازا تنهنجن دشمنن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن؛ باهہ تنهنجا گز ساڙي ڇڏيا آهن.


هرڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺ ڪئي ويندي، ۽ ڏنگا رستا سنوان ٿيندا، ۽ کڏن کوٻن واريون سڙڪون لسيون ٿي پونديون،


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ