Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:18 - Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو خداوند جنهن آسمان پيدا ڪيا، اهو ئي خدا آهي؛ هن زمين جوڙي ۽ تيار ڪئي؛ هن انهيءَ کي قائم ڪيو، هن انهيءَ کي ويران نہ پيدا ڪيو، بلڪ رهڻ جي لاءِ انهي کي جوڙيائين: هو فرمائي ٿو تہ آءٌ خداوند آهيان؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.


۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو.


پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين.


۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.


۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ زمين کي ڀرپور ڪريو.


آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.


ڪير آسمان تي چڙهيو آهي ۽ لٿو اهي؟ ڪنهن پنهنجن مٺين ۾ واءُ گڏ ڪيو آهي؟ ڪنهن پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻين کي ٻڌو آهي؟ ڪنهن ڌرتيءَ جا سڀ ڪنارا قائم ڪيا آهن؟ جي خبر هجيئي تہ ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ ۽ انهي جي پٽ جو نالو ڇا آهي؟


خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،


خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟


مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم.


هائو، منهنجي هٿ زمين جو بنياد وڌو آهي، ۽ منهنجي ساڄي هٿ آسمانن کي پکيڙيو آهي: جڏهن آءٌ هن کي سڏيان ٿو تڏهن اهي گڏ ٿي بيهن ٿا.


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


هن پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا قائم ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سمجهہ سان هن آسمان پکيڙيا آهن:


هن زمين پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي، هن دنيا پنهنجي حڪمت سان قائم ڪئي آهي، ۽ هن آسمان پنهنجي سمجهہ سان ڇڪي بيهاريا آهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ