Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 45:15 - Sindhi Bible

15 اي اسرائيل جا خدا، اي نجات ڏيڻ وارا، سچ پچ تون ئي هڪڙو خدا آهين، جو پوشيدگيءَ ۾ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 بيشڪ بني اسرائيل جو خدا، جيڪو اڪيلي سر پنهنجيءَ قوم کي بچائي سگھي ٿو، سو هڪ راز ئي راز آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 45:15
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ اهي ڳالهيون تو پنهنجي دل ۾ لڪايون؛ مون کي خبر آهي تہ اهو تنهنجو ڪم آهي:


اڙي جي مون کي خبر پوي تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر ان جي مسند تائين بہ وڃي نڪران!


جڏهن هو ڪم ڪري ٿو تڏهن آءٌ کٻي پاسي ٿو وڃان پر هو منهنجي نظر ۾ نٿو اچي؛ هو پاڻ کي سڄي پاسي لڪائي ٿو جنهن ڪري آءٌ هن کي ڏسي نٿو سگهان.


تون پنهنجو منهن ڇو ٿو لڪائين، ۽ اسان جي مصيبت ۽ ظلم کي ڇو ٿو وسارين؟


اوهين جماعت ۾ خدا کي مبارڪ چئو، اوهين جي اسرائيل جي چشمي جا آهيو، سي خداوند کي مبارڪ چئو.


تنهنجي واٽ سمنڊ ۾ هئي، ۽ تنهنجو رستو وڏن پاڻين ۾ آهي، تنهنجي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نہ آيا.


۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


۽ اهو مصر جي زمين ۾ لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙو نشان، ۽ شاهديءَ جي لاءِ ٿيندو: ڇالاءِ جو ظالمن جي ظلم ڪري هو خداوند وٽ فرياد ڪندا، ۽ هو سندن لاءِ هڪڙو نجات ڏيندڙ ۽ بچائيندڙ موڪليندو.


آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي توکي هاڻ خبر نٿي پوي، پر هن کان پوءِ سمجهندين.


اوهين جنهن کي نٿا سڃاڻو، تنهن جي عبادت ٿا ڪريو، پر اسين جنهن کي ڄاڻون ٿا، تنهن جي عبادت ٿا ڪريون: ڇالاءِ تہ نجات يهودين منجهان آهي.


۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.


جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي نسل مان اسرائيل وٽ هڪڙو ڇوٽڪارو ڏيندڙ، يعني يسوع کي موڪليو؛


پر خدا انهي کي مالڪ ۽ نجات ڏيندڙ ٿيڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، انهي لاءِ تہ اسرائيل کي توبهہ جي توفيق ۽ گناهن جي معافي بخشي.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ