يسعياہ 44:9 - Sindhi Bible9 جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بيفائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: