Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 44:4 - Sindhi Bible

4 اهي واهن جي ڪناري، گاهن ۾ لئين وانگر نڪرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو اهي جھجھي پاڻيءَ واري زمين ۾ ڦٽندڙ گاهہ وانگر، ۽ وهندڙ نهرن جي ڪنارن تي ڦٽندڙ لئيءَ جي وڻن وانگر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 44:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پٻڻ جا وڻ هن کي پنهنجي پاڇي سان ڍڪين ٿا؛ نهر جون نليون هن کي چوڌاري وڪوڙين ٿيون.


تون اهو بہ ڄاڻيندين تہ تنهنجو اولاد وڏو ٿيندو، ۽ تنهنجو اولاد زمين جي گاهہ جيترو ٿيندو.


هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


هن اُنهي زمين جو ٻج بہ کنيو، ۽ اُهو هن هڪڙي ڀلي زمين ۾ پوکيو؛ هن اُهو گهڻي پاڻيءَ جي پاسي کان بيدمنجون جي وڻ وانگر لڳايو.


۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو.


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ