Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:23 - Sindhi Bible

23 تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 منهنجي تعظيم خاطر اوهان پنهنجيون قربانيون پيش نہ ڪيون آهن. هائو، اوهان پنهنجي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ ڪا رڍ ٻڪري بہ منهنجي حضور ۾ نہ آندي آهي، ڀلا مون اوهان کي نذرانن آڻن لاءِ مجبور ڪيو آهي ڇا؟ يا لوبان ساڙڻ لاءِ اوهان کي ڪا تڪليف ڏني اٿم ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا.


وري خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون پنهنجي لاءِ هي خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني مر، ۽ مصطکي، ۽ لاون، اهي خوشبودار مصالحہ خالص لوبان سان گڏ کڻ، (اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن)،


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


شرير جي قرباني هڪڙي ڪراهت جهڙي شيءِ آهي؛ پر جڏهن هو اُها خراب دل سان آڻي ٿو تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ اُها ڪراهت جهڙي آهي!


خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون پنهنجي ذبح ڪرڻ وارين قربانين سان گڏيو، ۽ اوهين ئي گوشت کائو.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو تنهن ڏينهن سوختني قربانين يا ذبح ڪرڻ وارين قربانين بابت مون انهن سان نہ ڳالهايو، ۽ نہ انهن کي ڪو حڪم ڏنو:


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:


۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ منهنجي لاءِ قربانيون ۽ نذرانا آندا هئا ڇا؟


اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو.


ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.


ڇالاءِ جو منهنجي پاڃاري سولي آهي، ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ