Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:22 - Sindhi Bible

22 انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر اي بني يعقوب! اوهان مون کي نہ پڪاريو. هائو، اي بني اسرائيل! اوهان مون کان بيزار ٿي منهنجي عبادت ڇڏي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.


جن قومن توکي نہ سڃاتو، ۽ جن بادشاهن تنهنجو نالو نہ ورتو، تن تي پنهنجي ڪاوڙ لاهي وجهہ.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


اوهان چيو آهي تہ خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ اجائي آهي: ۽ لشڪرن جي خداوند جو حڪم مڃڻ، ۽ سندس اڳيان ماتم ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ