Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:20 - Sindhi Bible

20 جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 گدڙ ۽ اٺ پکي، بلڪ سڀ جھنگلي جانور، منهنجي تعظيم ۽ واکاڻ ڪرڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل قوم جي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ نديون جاري ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:20
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين جي سندس ٻانهي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين بني يعقوب سندس چونڊيل آهيو.


جوان شينهن شڪار جي پٺيان گجگار ٿا ڪن، ۽ خدا کان پنهنجو کاڌو ٿا گهرن.


سڀ مرون ۽ ڍور؛ سرندڙ شيون ۽ اُڏامندڙ پکي:


جنهن قوم جو خدا خداوند آهي، ۽ جنهن اُمت کي هن پنهنجي ميراث ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، سا مبارڪ آهي.


۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.


۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


پر جلال وارو خداوند، وڏين ندين ۽ نهرن جي وچ ۾ پاڻ اتي موجود هوندو؛ جن ۾ نہ ڪا ڳنن واري ٻيڙي ويندي، نہ ڪو وڏو جهاز اُتان لنگهندو.


۽ رڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ اُڃايل زمين پاڻيءَ جا چشما ٿيندي، ۽ گدڙن جي سمهڻ جي جاءِ ۾ گاهہ سان گڏ ڪانا ۽ ڪنگور اُڀرندا.


غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.


ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.


جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ