Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:14 - Sindhi Bible

14 خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 خداوند، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ ”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس. آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس، ۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون کي خبر آهي تہ منهنجو نجات بخشيندڙ جيئرو آهي، ۽ اهو پڇاڙيءَ جي ڏينهن زمين تي اٿي بيهندو.


منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ.


ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو.


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.


خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟


خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.


اسان جي عيوضي ڏيندڙ جو نالو، لشڪرن جو خداوند، ۽ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.


اڙي تون جو گهڻن پاڻين تي رهين ٿو ۽ بي انداز خزانا اٿيئي، سو تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي ۽ تنهنجي لالچ جو ماڻ اچي ڀريو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجو پاڪ نالو مشهور ڪندس؛ ۽ وري اڳتي آءٌ پنهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪرڻ نہ ڏيندس: ۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.


اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ