Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:12 - Sindhi Bible

12 جڏهن اوهان ۾ ٻيو ڪوبہ ڌاريو معبود ڪونہ هو تڏهن مون بيان ڪيو، مون بچايو ۽ مون ڏيکاريو: تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ آءٌ خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيئن مون چيو هو تيئن ڪري ڏيکاريو. ٻئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود نہ، بلڪ مون ئي اوهان کي پنهنجي واعدي موجب بچايو. سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هاڻي اي خداوند اسان جا خدا، تون اسان کي هن جي هٿ کان بچاءِ، تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن، تہ رڳو تون ئي اڪيلو خداوند آهين.


ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙي افواہ ٻڌي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي سندس ملڪ ۾ ترار سان مارائي ڇڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.


اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!


مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.


ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.


خداوند ئي انهي جي رهبري ڪئي، ۽ هن سان ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هو.


انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ