Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:10 - Sindhi Bible

10 خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تون بدلجڻ جو نہ آهين، ۽ تنهنجن ڏينهن جي پڄاڻي ڪانہ ٿيندي.


تڏهن هارون پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهيريو، تہ ڏيڏر ڪاهي آيا، ۽ مصر جو سارو ملڪ ڀري ڇڏيائون.


تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


جڏهن اوهان ۾ ٻيو ڪوبہ ڌاريو معبود ڪونہ هو تڏهن مون بيان ڪيو، مون بچايو ۽ مون ڏيکاريو: تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ آءٌ خدا آهيان.


آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس:


انهي لاءِ تہ اُڀرندي کان اُلهندي تائين اهي ڄاڻن تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪونهي: آءٌ خداوند آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


اي يعقوب، اي اسرائيل جنهن کي مون سڏيو آهي، منهنجي ڳالهہ ٻڌ: آءٌ اُهو آهيان؛ آءٌ اول آهيان ۽ آءٌ آخر بہ آهيان.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


هائو، پوءِ اسين خدا جا ڪوڙا شاهد ثابت ٿيا آهيون؛ ڇالاءِ جو خدا جي بابت اسان شاهدي ڏني تہ هن مسيح کي جياريو: پر جي مُئل جي نٿا اُٿن تہ هن انهي کي بہ نہ جياريو.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


بس اڄ تون اهو ڄاڻي وٺ، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏ، تہ مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي: ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


پر پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ خادم جي صورت اختيار ڪري اچي انسان ٿيو؛


جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي،


جنهن خدا جي ڪلام جي گواهي ۽ يسوع مسيح جي شاهدي ڏني، يعني انهن شين جي، جي هن ڏٺيون.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ