Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:1 - Sindhi Bible

1 پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:1
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.


اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


هيءَ ڳالهہ ايندڙ پيڙهيءَ جي لاءِ لکبي: ۽ جيڪا اُمت پيدا ٿيندي سا خداوند جي تعريف ڪندي.


جن ماڻهن کي تو ڇڏايو، تن جي تو پنهنجيءَ رحمت سان رهبري ڪئي: تو انهن کي پنهنجيءَ طاقت سان پنهنجي پاڪ مڪان تائين پهچايو آهي.


خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ جيڪي تون چوين ٿو، سو بہ آءٌ ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي، ۽ آءٌ توکي موسيٰ نالي سان سڃاڻان ٿو.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛


اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.


ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛


جيڪو بہ منهنجي نالي سڏجي ٿو، ۽ جنهن کي مون پنهنجي جلال جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؛ تنهن کي مون جوڙيو آهي؛ هائو، انهي کي مون بنايو آهي.


جنهن خداوند توکي بنايو، ۽ ماءُ جي پيٽ کان ئي توکي جوڙيو، ۽ جو تنهنجي مدد ڪندو؛ سو هيئن ٿو فرمائي تہ اي منهنجا بندا يعقوب، اي منهنجا چونڊيل يسورون، ڊڄ نہ.


خداوند اسرائيل جو پاڪ خدا، ۽ ان جو خالق ائين ٿو فرمائي: تہ ايندڙ ڳالهين بابت اوهين مون کان پڇو يعني منهنجن پٽن بابت، ۽ منهنجي هٿ جي ڪمن بابت مون کي حڪم ڏيو.


خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.


۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.


هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ.


تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


خداوند قديم وقت کان مون کي ڏيکاري ڏئي چيو تہ هائو، مون دائمي محبت سان توکي پيار ڪيو آهي: تنهن ڪري رحمت سان توکي ڇڪيو اٿم.


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.


انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.


جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.


هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.


۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هو منهنجي اُمت، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا؛ ۽ آءٌ انهن تي اهڙو رحمدل ٿيندس، جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


۽ جڏهن ڏينهن جا ڏينهن نڪي سج نڪي تارا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ سخت طوفان لڳندو رهيو، تڏهن نيٺ بچڻ جي ڪابہ اُميد ڪانہ رهيسين.


تنهنڪري اي صاحبو، دلجاءِ ڪريو، جو منهنجو خدا تي پورو يقين آهي، تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.


ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ