Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:8 - Sindhi Bible

8 آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ ئي اڪيلو خداوند تنهنجو خدا آهيان. ڪوبہ ٻيو معبود منهنجي عظمت ۾ حصيدار نہ آهي، نڪي ڪا تراشيل مورتي منهنجي واکاڻ ۾ شريڪ ٿي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي نالي جي جلال جو گيت ڳايو: سندس تعريف جو جلال ظاهر ڪريو.


تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.


هي انهيءَ لاءِ ٿيو تہ هو اعتبار ڪن تہ خداوند انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا توکي ڏيکاري ڏني آهي.


آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


پنهنجي خاطر، خود پنهنجي خاطر آءٌ ائين ڪندس؛ ڇالاءِ منهنجو نالو ناپاڪ ٿئي؟ ۽ آءٌ پنهنجو جلال ٻئي ڪنهن کي نہ ڏيندس.


تنهن ڪري مون قديم وقت کان توکي اهو ٻڌايو آهي؛ انهي جي پوري ٿيڻ کان مون توکي اڳي ڏيکاريو آهي: تہ متان تون چوين تہ منهنجي معبود اُهي ڪم ڪيا آهن، ۽ منهنجي اُڪريل مورت ۽ منهنجي پلٽيل مورت جي حڪم سان اهي ڪم ٿيا آهن.


تو اهو ٻڌو آهي؛ هاڻي اهو سڀ ڏس، هاڻي اوهين انهي جو بيان نہ ڪندا ڇا؟ هاڻي آءٌ توکي نيون ۽ پوشيدہ شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.


خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


انهن شراب پي، پوءِ سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي.


تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.


يسوع چين تہ اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ ابراهيم پيدا ٿيو، تنهن کان اڳي آئون آهيان.


جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ