Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:7 - Sindhi Bible

7 تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تون انڌن جون اکيون روشن ڪندين، ۽ انهن قيدين کي زندان مان ڪڍندين، جيڪي اونداهين ۾ قيد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.


۽ انهي ڏينهن ٻوڙا ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌندا، ۽ انڌن جون اکيون انڌڪار ۽ اونداهيءَ منجهان ڏسنديون.


تڏهن انڌن جون اکيون کلنديون، ۽ ٻوڙن جا ڪن کوليا ويندا.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.


۽ جيڪي بند ۾ آهن تن کي چوين تہ نڪري اچو، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوين تہ پاڻ کي ظاهر ڪريو. اهي رستن تي کائيندا ۽ سڀني ويران ٽڪرين تي بہ انهن کي کاڌو ملندو.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي.


آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سهندس، ڇالاءِ جو مون هن جو گناهہ ڪيو آهي؛ جيسين ڪ هو منهنجي طرفان حجت ڪري، ۽ منهنجو فيصلو ڪري: هو مون کي ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو، آءٌ سندس راستبازي ڏسندس.


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


پوءِ هنن جو ذهن کوليائين، تہ پاڪ لکيتن جي سمجهہ پوينِ.


يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين.


۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


تنهنڪري آئون توکي صلاح ٿو ڏيان تہ مون کان باهہ ۾ صاف ٿيل سون خريد ڪر تہ تون دولتمند ٿين؛ ۽ اڇا ڪپڙا وٺ تہ پاڻ کي ڍڪين، ۽ تنهنجي اوگهڙ جو شرم ظاهر نہ ٿئي؛ ۽ پنهنجين اکين ۾ پائڻ لاءِ سرمو وٺ تہ ڏسي سگهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ