يسعياہ 42:5 - Sindhi Bible5 خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible5 خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: