Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:22 - Sindhi Bible

22 پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر اوهين خداوند جي اهڙي قوم آهيو، جيڪا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي. اوهين سڀ زندانن ۾ ڦاٿل ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهيو. اوهان کي ڦريو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي ڇڏائي سگھي، هائو، اوهان کي لٽيو ويو آهي، ۽ ڪوبہ ناهي جيڪو اوهان کي موٽائي ڏئي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:22
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ قيدين جون آهون ٻڌي؛ ۽ جيڪي موت جي منهن ۾ آهن تن کي ڇڏائي.


هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي:


اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


جنهن دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو، ۽ ان جي شهرن کي اونڌو ڪري ڦٽو ڪيو؛ جنهن قيدين کي ڇڏي نہ ڏنو تہ پنهنجي گهر وڃن؟


جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون!


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا.


۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.


زمين بلڪل خالي ٿي ويندي ۽ بلڪل لٽجي ڦرجي وڃي ٿي، ڇالاءِ جو خدا اهڙو ڪلام ڪيو آهي.


هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين.


اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟


تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.


مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


انهن جي گجگار شينهن جهڙي ٿيندي ۽ اُهي جوان شينهن وانگي گجندا: هائو، هو گجندا، ۽ شڪار جهليندا، ۽ انهي کي بي روڪ ٽوڪ کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ ڪونہ ڇڏائيندن.


آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهويا ڪين جي قيد جي ستٽيهين ورهيہ ۾ ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ، پنهنجي بادشاهت جي پهرئين ورهيہ ۾، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي سرفراز ڪيو، ۽ هن کي قيد مان ڪڍيائين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ