Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:20 - Sindhi Bible

20 تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اوهان جي نظر تہ گھڻين ئي شين تي پوي ٿي، پر اوهين انهن کي سمجھڻ نہ ٿا چاهيو. اوهان جا ڪن تہ بلڪل کُليل آهن، پر اوهين ڪنهن ڳالهہ تي ڌيان ڏيڻ نہ ٿا چاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا.


ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.


انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين.


۽ هن چيو تہ وڃي هن قوم کي چئو تہ اوهين بيشڪ ٻڌو ٿا پر سمجهو نٿا؛ اوهين بيشڪ ڏسو ٿا پر پروڙيو نٿا.


آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


ڏس تون هنن جي لاءِ هڪڙو اهڙو وڻندڙ راڳ آهين جو ڪو چڱي آواز وارو ماڻهو ڳائي، ۽ ڪو چڱو ساز وڄائي؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


تنهنڪري آئون هنن سان مثالن ۾ ٿو ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو هو ڏسندي بہ نٿا ڏسن، ۽ ٻُڌندي بہ نٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجهہ ٿي پوي.


تنهنڪري تون جو ٻين کي سيکارين ٿو، سو پنهنجو پاڻ کي نٿو سيکارين ڇا؟ تون جو وعظ ڪري ٿو چئين تہ چوري نہ ڪر، سو تون پاڻ چوري ٿو ڪرين ڇا؟


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ