Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:19 - Sindhi Bible

19 منهنجي بندي کان سواءِ ٻيو ڪير انڌو آهي؟ يا ڪير اهڙو ٻوڙو آهي، جهڙو منهنجو قاصد جنهن کي آءٌ موڪليان ٿو؟ جنهن جو مون سان صلح آهي تنهن جهڙو انڌو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ خداوند جي بندي جهڙو ٻيو ڪير انڌو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اوهين منهنجا ٻانها ۽ منهنجا موڪليل قاصد آهيو، پر اوهان کان وڌيڪ ڪو انڌو يا ڪو ٻوڙو آهي ڇا؟ اوهين جيڪي مون خداوند جا عهد ڪيل ٻانها آهيو، تن جهڙو ڪو ٻيو انڌو نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:19
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.


يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري.


۽ انهي ڏينهن ٻوڙا ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌندا، ۽ انڌن جون اکيون انڌڪار ۽ اونداهيءَ منجهان ڏسنديون.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


انهن انڌن ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر آڻ جن کي اکيون آهن، ۽ انهن ٻوڙن کي جن کي ڪن آهن.


جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.


۽ هن چيو تہ وڃي هن قوم کي چئو تہ اوهين بيشڪ ٻڌو ٿا پر سمجهو نٿا؛ اوهين بيشڪ ڏسو ٿا پر پروڙيو نٿا.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.


تنهنڪري آئون هنن سان مثالن ۾ ٿو ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو هو ڏسندي بہ نٿا ڏسن، ۽ ٻُڌندي بہ نٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجهہ ٿي پوي.


”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“


يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين.


يسوع چين تہ جيڪڏهن انڌا هجو ها تہ اوهان تي ڏوهہ ڪونہ هجي ها، پر هاڻي جو چئو ٿا تہ اسين ڏسون ٿا، تنهنڪري اوهان تي ڏوهہ قائم آهي.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ