Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:16 - Sindhi Bible

16 آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:16
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو.


جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو.


خدا جي ڪم تي ويچار ڪر: ڇالاءِ جو جنهن کي هن ڏنگو ڪيو آهي تنهن کي ڪير سڌو ڪري سگهندو؟


سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.


۽ انهي ڏينهن ٻوڙا ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌندا، ۽ انڌن جون اکيون انڌڪار ۽ اونداهيءَ منجهان ڏسنديون.


۽ جن جا روح گمراهہ ٿيا آهن تن کي سمجهہ ايندي، ۽ جيڪي ڪُرڪن ٿا، سي تعليم حاصل ڪندا.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


۽ ڏسندڙن جي اکين ۾ ڌنڌ ڪونہ ٿيندو، ۽ جيڪي ٻڌندا سي اونائيندا.


تڏهن انڌن جون اکيون کلنديون، ۽ ٻوڙن جا ڪن کوليا ويندا.


اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.


هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا.


غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


هو انهن جي پٺيان پوي ٿو، ۽ سلامتيءَ سان لنگهي وڃي ٿو؛ اهڙي رستي تان جتي اڳي پير ڪونہ رکيو هئائين.


آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس:


آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.


خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.


ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.


۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي.


جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل سان بکين ڏانهن رغبت ڪندين، ۽ ڏکويل روح کي آسودو ڪندين؛ تہ تنهنجي روشنائي اوندهہ ۾ چمڪندي، ۽ تنهنجو انڌڪار ٻنپهرن جهڙو ٿيندو:


هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ.


۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم.


تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس.


تنهنڪري ڏس، آءٌ ڪنڊن سان تنهنجو رستو بند ڪندس، ۽ هن جي سامهون ڀت کڻي ڇڏيندس، جنهنڪري هوءَ پنهنجا رستا لهي نہ سگهندي.


انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


هرڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺ ڪئي ويندي، ۽ ڏنگا رستا سنوان ٿيندا، ۽ کڏن کوٻن واريون سڙڪون لسيون ٿي پونديون،


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ