Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:15 - Sindhi Bible

15 آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن تي اڀريل گاهہ ۽ ٻوٽا سڀيئي سڪائي ڇڏيندس. آءٌ ندين توڙي ڍنڍن کي سڪائي بيابان بڻائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:15
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.


ڏس، آءٌ توکي هڪڙو نئون تکو ڳاهڻ جو ڏاندارو ڪندس ۽ تون جبلن کي ڳاهيندين، ۽ انهن کي ڪُٽي چور چور ڪندين، ۽ ٽڪرين کي تُهن جهڙو ڪندين.


جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس:


آءٌ پنهنجي سڀني جبلن تي رستو بنائيندس، ۽ منهنجون شاهي سڙڪون بحال ٿينديون.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


مون جبل ڏٺا ۽ اُهي پئي ڏڪيا، ۽ سڀ ٽڪريون هيڏي هوڏي پئي لڏيون.


ڇالاءِ جو مون پنهنجي غيرت ۾، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ ڳالهايو آهي، ۽ چيو آهي تہ يقيناً انهي ڏينهن اسرائيل جي ملڪ ۾ هڪڙو وڏو زلزلو پئجي ويندو؛


جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ هڪ دفعو، ٿوري وقت کانپوءِ، آءٌ آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ سُڪيءَ کي لوڏيندس.


۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.


۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


۽ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيون؛ ۽ وڏو زلزلو ٿيو، اهڙو جو جڏهن کان ماڻهو زمين تي پيدا ٿيا، تڏهن کان وٺي اهڙو وڏو زلزلو ڪڏهن ڪونہ ٿيو.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ