Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:14 - Sindhi Bible

14 آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ گھڻي وقت کان وٺي ماٺ ڪيو ويٺو هئس، مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو. پر هاڻ جيئن ڪنهن پيٽ واري عورت کي ويم جا سور شروع ٿين ۽ هوءَ رڙيون ڪندي، سهڪندي ۽ تڪڙا ساهہ کڻندي ٻار ڄڻي ٿي وجھي، تيئن ئي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس ۽ گھڻو ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي گهڻو ئي ڪجهہ چوڻو آهي؛ مون منجهہ جيڪو روح آهي سو مون کي زور ٿو ڪري.


آءٌ ڳالهائيندس تہ من مون کي آرام اچي؛ آءٌ پنهنجا چپ کوليندس ۽ ورندي ڏيندس.


صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


تون ڪنهن کان ڊني آهين، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهائين، ۽ مون کي ياد نہ ڪيو اٿيئي، نڪي اها ڳالهہ دل تي آندي اٿيئي؟ آءٌ گهڻن ڏينهن کان ماٺ ڪندو نہ آيو آهيان ڇا، ۽ انهي ڪري تون مون کان نٿي ڊڄين ڇا؟


اي خداوند، انهن ڳالهين هوندي بہ تون پاڻ کي روڪي ڇڏيندين ڇا؟ تون ماٺ ڪري اسان کي سخت مصيبت ۾ پيو وجهندين ڇا؟


ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس،


خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ